بسنت (راڳڻي)

بسنت (راڳڻي ):هنڊول راڳ جي راڳڻيءَ جو نالو به آهي، جيڪو پوربي ٺاٺ جو کاڍو سمپورن راڳ آهي. ان جي آروهيءَ ۾ پنچم ڪونه لڳائيندا آهن: ان جو وادي سر تار اسٿان جو کرج آهي ۽ سموادي سُر پنچم آهي. مڌم ۽ گنڌار جي بار بار ميلاپ ۽ نکاد تي زور گهٽ رکڻ سان هيءُ راڳ پرچ کان جدا ٿي ويندو آهي ۽ پڻ پرچ جي آروهيءَ ۾ پنچم جو سُر به لڳايو ويندو آهي. بسنت راڳ پرچ وانگر رات جي پوئين پهر ۾ ڳائبو آهي ۽ بنست رُت ۾ ڪنهن به وقت ڳائي سگهجي ٿو. هن نالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ هڪ سُر موجود آهي، جنهن کي ”سُر بسنت بهار“ جي نالي سان نروار ڪيو ويو آهي، پر صحيحبسنت“ آهي. جيتوڻيڪ اهو سر گهڻي وقت کان وٺي شاهه صاحب جي رسالن ۾ شامل نٿو ٿئي ۽ راڳ ۾ ڪونه ٿو ڳائجي، پر ”سنڌي بسنت“ راڳڻيءَ ۾ ڪافيون ڳائجن ٿيون. هن سُر ۾ بسنت رُت ”بهار جي مند“ جي موضوع تي بيت آيل آهن .
2 بسنت (راڳڻي ):پوربي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي جنهن جو وادي سر تار آستان جي سَا آهي. ڳائڻ جو سمو توڙي بسنت جي رت اٿس پر پرچ وانگر رات جي پوئين پهر ۾ به ڳائي سگهجي ٿي. مڌم ۽ گنڌار، جو زور گهڻو رهي ٿو، جيڪو کيس پرچ کان الڳ رکي ٿو. ڪي گائڪ پوروانگ ۾ للت جو انگ ڏيکارين ٿا. بسنت ۾ پنچم جو سُر آروهي ۾ نه هڻڻ گهرجي .
هن راڳڻي جي خاص تان: مي ڌا- رَا سَا-. رَا ني ڌا پا- مي گي- را سا آهي. هن راڳڻي جي آروهي: سا گي مي ڌا را سا ۽ امروهيِ رَا ني ڌا پا- مي گي- مي گي- را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر کرج آهي ۽ هي راڳڻي فجر جي وقت ڳائبي آهي. (راڳ ساگر ۾ هي راڳڻي کاڍو سمپورن ڄاڻايل آهي. آروهي: سارا گي مي ڌاني سا ۽ امروهيِ ساني ڌا پا مي گي را سا ڄاڻايل آهي.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو